مولوي ادريس محمد ڊاڪٽر

مولوي ادريس محمد ڊاڪٽر

ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر

ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي: مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو، 27 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڪنڊياري لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”چنيهاڻي“ ۾ ڄائو. سندس والد محترم محمد قاسم سومرو سنڌ جو مشهور ليکڪ / مصنف آهي. جنهن جا ننڍا وڏا 70 کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. مولوي محمد ادريس سومري ”درس نظامي“ 1982ع ۾ جامعه ارشاد العلوم ميرڪ ۾ مڪمل ڪيو ۽ ”شهادة العالميه“ 1982ع ۾ وفاق المدارس العربيه پاڪستان مان ڪيائين، جڏهن ته شاهه ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جي تعليم، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ وٽ ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري (اسلامڪ ڪلچر) مان ”1947ع کان پوءِ لکيل اسلامي سنڌي ڪتابن جو تنقيدي تجزيو“ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1983ع کان 1992ع تائين پنهنجي مادر علمي جامعه ارشاد العلوم ۾ صدر المدرسين رهيو ۽ 1991ع کان هن وقت (2009ع) تائين جامعه انوار العلوم ڪنڊياري ۾ شيخ الحديث جي عهدي تي فائز آهي. مولوي ادريس ڪنڊياروي پنهنجي ۽ والد جي محنت سان هڪ عاليشان ريسرچ لائبريري ’قاسميه لائبريري‘ جي نالي سان قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ هن وقت ٽيهن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن، جن ۾ پندرهن هزار ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. پاڻ ان لائبريريءَ جو منتظم آهي. مولانا محمد ادريس سومري جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1). خزيته المخطوطات (ترتيب ۽ تصحيح: سنڌي ادبي بورڊ، 2006)، (2). فضائل ابي بڪر الصديق رضي الله عنه لابي طالب العشاري (وفات 451هه)، (3). ضميمه ”شان خلفاءِ راشدين“ (عربي- سنڌي: 1991ع). (4). حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم، عربي ٺٽوي (مقدمه ۽ تعليق: 2005ع)، (5). پند نامه (شيخ فريد الدين عطار)، منظوم سنڌي ترجمو: 2001ع)، (6). تمام العنايه في الفرق بين صريح الطلاق و الڪنايته. عربي (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: 2004ع)، (7). ”دل جو فرياد“ منظوم سنڌي ترجمو ”قصيده بانت سعاد لڪعب بن زهير الصحابي“ (مارچ 1987ع)، (8) ”فهرست مخطوطات خزانه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچسنڌ آرڪائيوز، ڪراچي. ان کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن: (1). منظوم سنڌي ترجمو قصيده برده شريف، (2). منظوم سنڌي ترجمو ”مقدمة الجزري“ لابن الجزري، (3). الفيته ابن قاسم، في علم الصرف (عربي منظوم)، (4). النهر الفائض في علمي الحساب والفرائض (سنڌي)، (5). ڪشف الحجاب في رد فصل الخطاب في ذبائح اهل الڪتاب (عربي)، (6). ترجمه هاي متون فارسي بزبان سنڌي (فارسي)، (7). فيض الخبير في فهرست مخطوطات اڪادمية الڪبير (فارسي)، (8). تحقيق و تقدمه حواشي مخدوم محمد هاشم التتوي علٰي قصيده زهير بن صرد الصحابي في مدح النبي العربي صلي الله عليه وسلم، ”1947ع کان پوءِ لکيل اسلامي سنڌي ڪتابن جو تنقيدي تجزيو“، سندس Ph.D جو مقالوشايع ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.09.27  عيسوي

ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي: مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو ، 27 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڪنڊياري لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ” چنيهاڻي “ ۾ ڄائو .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امتياز خان حسين اصفهاني خالص
شيخ ورو
ذهبي
دين محمد شاهه ميڻن وارو
عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر
راشدي مظهرالدين شاهه
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
عبدالعليم صديقي قادري
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
الحاج سيد پير الهيار شاهه
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون